حاجي عيسيٰ ساندائي محدث

حاجي عيسيٰ ساندائي محدث: حاجي عيسيٰ حديث جو ڄاڻو ۽ پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو. هن جا وڏا اصل پنجاب جا هئا، جيڪي رنجيت سنگهه جي ظلمن سبب سنڌ ۾ لڏي آيا ۽ شهدادڪوٽ ۾ مقيم ٿيا. حاجي عيسيٰ ذات جو اعواڻ هو. جڏهن جوان ٿيو ته مٽياريءَ ۾ مخدوم عبدالڪريم جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي مسلسل ستن سالن تائين تعليم حاصل ڪيائين. 12 محرم 1295هه مطابق 1878ع ڌاري، جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڄمائي ورتو ته مخدوم عبدالڪريم متعلوي پنهنجي گهرواريءَ سميت هجرت ڪري مڪي شريف ويو، ته ساڻس گڏ سندس پيارو شاگرد حاجي عيسيٰ ساندائي به عربستان ويو. ٻن سالن جي عرصي بعد مخدوم عبدالڪريم وفات ڪري ويو، ته حاجي عيسيٰ مخدوم صاحب جي گهر واريءَ کي واپس پنهنجي ڏيهه سنڌ وٺي اچڻ جو خيال ڪيو ته خواب ۾ مخدوم صاحب تلقين ڪيس ته عدت واري عرصي کان پوءِ سندس گهر واريءَ کي سنڌ نيو وڃي. حاجي عيسيٰ ذهين ۽ علم جو ذوق رکندڙ شخص هو، اهو ئي ڪارڻ هو ته هن حرمين شريفين جي عالمن کان حديث جو علم حاصل ڪيو. هڪ سال جي عرصي کانپوءِ پنهنجي استاد محترم جي گهر واريءَ کي وٺي سنڌ واپس آيو ۽ اچي مٽياريءَ ۾ ترسيو. پهرين هيءُ حنفي فقھ جو عالم هو، پر حديث جي علم جي حاصلات بعد هن جي هاڪ هنڌين ماڳين ٿي ۽ جيد عالمن ۾ ليکجڻ لڳو.
خواجه محمد حسن لنواري شريف واري عيسيٰ ساندائيءَ کي پنهنجي پٽ کي تعليم ڏيڻ لاءِ گهرايو، اتي به هن لنواريءَ جي عظيم ڪتبخاني مان فائدو حاصل ڪيو. اتان فارغ ٿيڻ بعد نوشهري فيروز جي ڳوٺ جلباڻيءَ ۾ اچي رهيو، پر جلد ئي پير حزب الله پاڳاري کيس پنهنجي ڳوٺ گهرائي ورتو ۽ اتي پيرن جي ٻارن کي پڙهائڻ لڳو. هن بزرگ پير پاڳاري روضي ڌڻيءَ جي ڪتبخاني مان بيحد فائدو حاصل ڪيو. پير ڳوٺ ۾ رهڻ دوران اتان جي هڪ ڳوٺاڻي فيض الله پيرزادي جي نياڻيءَ سان سندس شادي ڪرائي وئي، جنهن کانپوءِ هيءُ ڪنڊياري ويجهو ساندن جي ڳوٺ ۾ مستقل آباد ٿيو. جنهنڪري ساندائي سڏيو ويو. کيس فيض الڪريم نالي هڪ پٽ ڄائو، جيڪو به اڳتي هلي وڏو عالم ثابت ٿيو. حاجي عيسيٰ، پير سيد رشيد الدين راشدي ٽئين کان دست بيعت ٿيل هو. هن 90 سالن جي ڄمار ۾ ذوالقعد 1294هه/ 1877ع ۾ ساندن جي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو